اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ علٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

خوفناڪ اُٺ ([1])

       شيطان ڪيتري به سستي ڏياري هي بيان مڪمل پڙهو، ان شاء الله عَزَّوَجَلَّ ثواب ۽ معلومات جو وڏو خزانو هٿ ايندو.

دُرُود پاڪ جي فضيلت

      مديني جي سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان عظمت نشان آهي؛ جنهن کي ڪا مشڪل پيش اچي اُن کي مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته مون تي درود پاڪ پڙهڻ مصيبتن ۽ بلائن کي پري ڪرڻ وارو آهي۔

 (القول البديع ص 414، بستان الواعظين للجوزي ص 274)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!            صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 (1) خوفناڪ اُٺ

         مڪي جا ڪافر هڪ ڏينهن ڪعبي شريف ۾ جمع هئا، رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به ويجهو ئي نماز ادا فرمائي رهيا هئا، ابو جهل هڪ وڏو پٿر کڻي ڏکايل دلين جي چين، رحمتِ ڪونين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مٿي مبارڪ کي مَعاذَالله سجدي جي حالت ۾ چيڀاٽڻ جي ناپاڪ ارادي سان اڳتي وڌيو ۽ جيئن ئي ويجهو پهتو ته هڪدم گهٻرائي پُوئتي ڀڳو، بدڪردار ڪافرن


 

 

حيرت مان پڇيو؛ اي اَبو الحَڪَم! توکي ڇا ٿيو؟ چيائين؛ آئون جيئن ئي ويجهو پهتس ته منهنجا هوش حواس ئي خطا ٿي ويا، مون ڏٺو ته هڪ وڏي مٿي ۽ ڀيانڪ ڳچي وارو خوفناڪ اُٺ وات کولي ڏند ڪرٽيندي مون کي کائڻ جي لاءِ اڳيان وڌي رهيو آهي! اهڙو خوفناڪ اُٺ مون اڄ تائين نه ڏٺو هو۔ رسولِ اڪرم، نور مجسم، رسول مُحۡتَشَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ اُهي جبرائيل (عَلَيهِ  السَّلام) هئا، جيڪڏهن ابو جَهل اڃا ويجهو اچي ها ته اُن کي پڪڙي وٺن ها۔

 (السيرة النبوية لابن ھشام ص 117)

نورِخدا ہے کُفر کی حَرکت پہ خندہ زَن ۱؎ 

پھو نکوں سے یہ چراغ  بُجھایا نہ جا ئے گا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

واھ!  شانِ بي نيازي

                                     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي شانِ بي نيازي به خوب آهي! ڪڏهن پنهنجي محبوب مبلغ کي دشمنن جي ذريعي مصيبتن ۽ ڏکن ۾ مبتلا ڪري انهن جا خوب خوب درجات بلند فرمائي ٿو ته ڪڏهن مُبلّغِ اعظم، رسول اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دشمن کي وار ڪرڻ کان اڳ ئي خوفزده ڪري اهو باور ڪرائي ٿو ته متان اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اڪيلو سمجهي ويهو!

آقاءِ مظلوم کي ستائڻ جو سبب

      اسان جي آقاءِ مظلوم، سروَر معصوم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي بد بخت ڪافرن جي ظلم و ستم جو سبب صرف اهو ئي هو جو ھاڻي، پاڻ


 

 

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کُلي ڪري ماڻهن کي نيڪي جي دعوت پيش ڪرڻ لڳا هئا، جڏهن ته شروع ۾ سَيّد الۡمُبَلِغِين، رَحۡمَةَ لِلعٰلَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٽن سالن تائين خفيه طريقي سان اسلام جي دعوت ڏني، پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان علَي الاعلان تبليغ جو حڪم ٿيو۔          (ايضاً 102)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 (2) ڪوھِ صفا تان نيڪي جي دعوت

      سيپاري 19 سورةُ الشُعرآء آيت نمبر 214 ۾ ارشادِ رباني آهي؛

وَ اَنْذِرْ عَشِیْرَتَكَ الْاَقْرَبِیْنَۙ(۲۱۴)

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ اي محبوب پنهنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار ۔

      انهي حڪمِ خداوندي تي اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ”ڪوهه صفا“ تي بيهي قريش جي قبيلي کي سڏيو، جڏهن ماڻهو جمع ٿي ويا ته ارشاد فرمايائون؛ ٻڌايو جيڪڏهن آئون توهان کي چوان ته مڪي جي وادي کان هڪ لشڪر حملو ڪرڻ وارو آهي ته ڇا توهان يقين ڪندؤ؟ سڀئي گڏجي چوڻ لڳا؛ ڇونه؛ اسان ته هميشه توهان (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي سچ ڳالهائيندي ئي ڏٺو آهي۔ مُبَلّغِ اعظم، نورِ مُجَسَم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو؛ ”ته ٻڌؤ جيڪڏهن توهين مون تي ايمان نه آڻيندؤ ته توهان تي سخت عذاب نازل ٿيندو۔“ اهو ٻڌي ابولهب بڪواس ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهو ٽِڙ پَکَڙ ٿي ويا۔(بخاري ج 3 ص 294 حديث 4770،4771  ملخصًا)

مگر اُس رحمتِ عالم کا گھر توحید کاگھر تھا

نہ آسکتی تھی مایوسی کہ یہ اُمّید کا گھر تھا


 

(3)  دروازي تي خون

          اسلام جي علي الاعلان تبليغ شروع ٿيندي ئي ظلم ۽ ستم جا طوفان شروع ٿي ويا۔ آھ! نبيَن جي سَروَر، ٻنهي جهانن جي تاجوَر، محبوبِ ربِ اڪبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسمِ مُنور تي بدبخت ڪافر ڪڏهن گند، ڪچرو اُڇلائيندا هئا ته ڪڏهن رحمت واري دروازي تي جانورن جو رت اُڇلائيندا، ڪڏهن رستن تي ڪنڊا وغيره وڇائيندا هئا ته ڪڏهن مبارڪ بدن تي پٿر وسائيندا هئا۔ هڪ دفعي ته انهن مان هڪ بي رحم، سجدي جي حالت ۾ ڪنڌ مبارڪ کي ايتري شدت سان دٻايو، جو قريب هو جو مبارڪ اکيون ٻاهر نڪري اچن۔ ڪڏهن ائين به ٿيو جو سجدي جي حالت ۾ مبارڪ پُٺي تي ٻچيداني (يعني اها کَل جنهن ۾ اُٺڙي جو ٻچو ويڙهيل هوندو آهي) رکيو ويو۔ ان کان علاوه ظالم ڪافر پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ گستاخانه جملا بَڪيندا، چٿرون ڪندا ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مَعَاذَالله عَزَّوَجَل جادوگر ۽ ڪاهِن به چوندا هئا۔                     (المواهب اللدنية ج 1 ص 118،119 وغيره ملخصاً)

پَیَمبر  دعوتِ  اِسلام  دینے  کو  نکلتا  تھا           نوید  راحت  و آرام  دینے کو  نکلتا  تھا

نکلتے تھے قریش اِس راہ  میں کانٹے بچھانے کو             وُجُودِ پاک پر سوسو طرح کے ظُلم ڈھانے کو

خُدا کی بات سن کرمَضْحَکے([2])  میں ٹال دیتے تھے           نبی کے جِسمِ  اطہر  پر نَجاست ڈال دیتے تھے

تَمَسخُر([3])کرتا تھا کوئی، کوئی  پتَّھر اُٹھاتا تھا     کوئی  توحید  پر  ہنستا تھا  کوئی مُنہ  چِڑاتا  تھا

قُریشی مرد اُٹھ کر راہ میں آوازے کستے تھے            یہ ناپاکی کے چھرے چار جانب سے برستے تھے

کلامِ حق کو سُن کر کوئی کہتا تھا یہ شاعِر ہے        کوئی کہتا تھا کاہِن([4])ہے کوئی کہتا تھا ساحِر([5])ہے


 

 

مگر وہ مَنبعِ حِلم وحَیا خاموش رہتا تھا

دُعائے خیر کرتا تھا جَفا و ظلم سہتا تھا

 صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

خدا جي راهه ۾ مصيبت برداشت ڪرڻ سنت آهي

         مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! اسان جي پياري پياري آقا، مَڪّي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسلام جي خاطر ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪيون! اهو سڀ ڪجهه کُلم کلا نيڪي جي دعوت شروع ڪرڻ کان پوءِ ٿيو۔ تنهنڪري جڏهن به ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان جي ڪري ڪا تڪليف برداشت ڪرڻي پئجي وڃي ته سلطانِ شاھِ خيرُالاَنام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تبليغِ اسلام جي راھ ۾ پيش اچڻ وارين تڪليفن ۽ ڏکن کي ياد ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪريو جو ان دين جي خاطر سختيون برداشت ڪرڻ واري سنّت ادا ڪرڻ جي سعادت بخشي۔ اهڙي طرح اِنشآءَالله عَزَّوَجَلَ شيطان ناڪام ۽ نامُراد ٿيندو ۽ صبر ڪرڻ آسان ٿي ويندو۔ يقينًا راھِ خدا ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ به سنّت ۽ انهن تي صبر ڪرڻ به سنّت ۽ سخت ترين مشڪلاتن جي باوجود نيڪي جي دعوت جو سلسلو جاري رکڻ به سنّت آهي۔

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں

نیک  ہو  جائیں  مُسلمان    مدینے   والے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 


 

 

(4) شِعب اَبي طالِب

        نُبُوَّت جي اعلان جي ستين سال جڏهن مڪي جي ڪافرن ڏٺو ته انهن جي بي پناھ ظلم ۽ ستم جي باوجود مسلمانن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ۽ حمزه ۽ عمررَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جهڙيون هستيون به ايمان آڻي چڪيون آهن۔ حَبشه جي بادشاھ نَجَاشِي به مسلمانن کي پناھ ڏيئي ڇڏي آهي ته ”خصائصِ ڪُبريٰ“ جي روايت مطابق انهن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته (حضرت سيّدنا) مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي (مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ) عَلي الاعلان شهيد ڪيو وڃي۔ جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاچي ابو طالِب کي خبر پئي ته انهن به بني هاشم ۽ بني مُطَّلِب کي گڏ ڪري چيو ته (حضرت سيدنا) مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي تَحَفُّظ خاطر پنهنجي شِعۡب (يعني گهاٽي) ۾ وٺي هلو۔ اهڙي طرح ائين ئي ڪيو ويو۔ (خصائصِ ڪبريٰ ج 1 ص 249) اها گهاٽي مڪي پاڪ زادَها اللهُ شَرَفًا وَّتَعۡظِيۡمًا ۾ واقع آهي جيڪا بني هاشم جي موروثي (يعني اباڻي) هئي۔ جنهن کي ۽ ”شِعۡبِ ابي طالِب“ چيو ويندو هو۔ (ٻن جبلن جي وچ واري رستي يا اُتان جي خشڪ ٽڪري کي شِعۡب چوندا آهن)

سَماجِي قَطع تعلق (يعني سوشل بائيڪاٽ)

       جڏهن مڪي جي ڪافرن کي خبر پئي ته بني هاشم ۽ بني مُطَّلِب (سواءِ ابو لهب جي) بنا ڪنهن مذهبي فرق جي سلطانِ عرب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي ذمي ورتو آهي ته ڪافرن مُحَصَّب ۾ جيڪو مڪي پاڪزَادَهَا اللهُ شَرَفًا وَّتَعۡظِيۡمًا ۽ مِنيٰ شريف جي وچ ۾ واقع آهي،  پاڻ ۾ عهد ڪيو ته ”جيستائين ”بنو هاشم“ محمد  (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)


 

 

کي انهن جي حوالي نه ڪندا ڪير به انهن سان ڪنهن قسم جو تعلق نه رکندو، نه انهن وٽ ڪا شيء وڪرو ڪئي ويندي، نه انهن سان رشتو ناتو ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن کي آزادي سان ڦِرڻ ڏنو ويندو۔“ اهو معاهدو لِکي ڪعبي شريف جي دروازي مبارڪ تي لٽڪايو ويو۔ مڪي جي ڪافرن انهيءَ تي سختي سان عمل ڪندي بنو هاشم ۽ بنو عَبدالۡمُطَّلِب جو مڪمل طور تي ”سماجي قطع تعلق“ (يعني سوشل بائيڪاٽ) ڪري ڇڏيو۔ اهڙي طرح اهي ٻئي خاندان به مسلمانن سان گڏ ”شِعۡبِ ابي طالِب“ ۾ محصور (يعني قيد) هئا۔

بڑی سختی سے کرتے تھے  قریش  اِس گھر  کی نگرانی      نہ آنے  دیتے تھے غلّہ ادھر تاحدِّ اِمکانی

کوئی   غَلّے   کا  سوداگر   اگر  باہَر   سے  آجاتا       تو رستے ہی میں جا کر بُولَہَب کمبخت بہکاتا

پہاڑوں  کا   دَرّہ   اِک  قَلعۂ   مَحصُور   تھا   گویا       خُدا  والوں  کو فاقوں مارنا منظور تھا گویا

رسـولُ الله لیکن مُطمئن تھے  اور صابِر تھے

خُدا جس حال میں رکھے اِسی حالت پہ شاکر  تھے

چمڙي جو ٽڪرو کائي ڇڏيائون

          هاڻي صورتِ حال اها هئي جو مڪي شريف زادَها اللهُ شَرَفًا وَّتَعۡظِيۡمًا ۾ ٻاهر کان جيڪو به اناج ايندو هو، ظالم ڪافر ان کي پاڻ ئي خريد ڪري وٺندا ۽ ان کي مسلمانن تائين پهچڻ نه ڏيندا هئا۔ جڏهن محصورين (يعني شِعۡبِ ابي طالِب ۾ قيد رهڻ وارن) جا ٻار بُک مان تڙپندا هئا ته بدبخت ڪافر انهن جي آوازن تي ٽهڪ ڏيندا ۽ خوشيون ملهائيندا هئا، عورتن جو کير سڪي ويو هو، اهي ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بُکيا رهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن بک کان بيتاب


 

 

ٿي ڪري وڻن جا پتا اُٻاري ڪري کائي پيٽ ڀريندا هئا۔ حضرت سيّدنا سعد ابنِ ابِي وقاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو بيان آهي ته هڪ ڀيرو رات جو انهن کي سُڪل چمڙي جو هڪ ٽڪرو ڪِٿان ملي ويو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان کي پاڻي سان ڌوتو، باھ تي ڀُڃي، ڪُٽي پاڻي ۾ ملايو ۽ سَتُّو وانگر پي پنهنجي پيٽ جي بک ختم ڪئي۔(الروض الانف ج 2 ص 161)

وہ بھوکی بچیوں کا  رُوٹھ کر  فِی  الفَور  مَن  جانا      خدا  کا  نام سُن کر صَبر کی  تصویر  بن جانا

تڑپنا  بھوک  سے  کچھ  روز آخِر  جان  کھودینا     وہ  ماؤں کا  فلک کو دیکھ کر چُپ چاپ رو دینا

رِضا وصَبر سے دِن کٹ گئے اِن نیک بختوں کے      کہ کھانے کے لیے ملتے رہے پتّے درختوں کے

 گزارے تین سال اِس رنگ سے ایمان والوں نے

دِکھا دی  شانِ  اِستِقلال  اپنی آن  والوں نے

 اُڏوهي جو ڪمال

           جڏهن ٽي سال ان حالت ۾ گذري ويا ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي حبيب پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي خبر ڏني ته اُن معاهدي جي تحرير اُڏوهي اهڙي طرح ختم ڪئي آهي جو اللهعَزَّوَجَلَّ  جي نالي کان سواءِ اُن ۾ ڪجهه باقي ناهي رهيو۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اها خبر ابو طالب کي ڏني، انهن وڃي مڪي جي ڪافرن کي چيو؛ ”اي گُروھ قريش! منهنجي ڀائيٽي مون کي هِن طرح جي خبر ڏني آهي توهين پنهنجو لکيل معاهدو کڻي اچو، جيڪڏهن اها خبر صحيح نڪتي ته توهين قَطۡعِ رِحۡم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ کان) مڙي وڃو ۽ جيڪڏهن غلط نڪتي ته آئون پنهنجي ڀائيٽي کي توهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس۔“ اُهي اِن تي راضي ٿي ويا۔ جڏهن ”معاهدو“ ڏٺو ويو ته


 

 

اوهڙو ئي هو جهڙي خبر ڏني ويئي هئي۔ ٿوري قِيل و قال (يعني بَحث ۽ مُباحثي) کان پوءِ پنج ماڻهو (هِشام بن عَمرو، زُهَير بن اَبي اُمَيّه مَخزومي، مُطعِم بن عَدي، ابو البَختَرِي ۽ زَمعَه بن اَسۡوَد) اِنهيءَ معاهدي کي ڦاڙڻ تي متفق ٿي ويا ۽ نيٺ ابو البَختري کڻي ڦاڙي ڇڏيو۔ پر افسوس! جو بي ڍنگا ڪافر پشيمان ۽ شرمنده ٿيڻ جي بدران وڌيڪ تڪليفون پهچائڻ ۾ لڳي ويا۔ (سيرتِ رسولِ عربي ص 63) ”سُبُل الهديٰ“ ۾ آهي؛ اُنهن پنجن مان حضرتِ سيدنا هِشامرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ۽ حضرت سيدنا زُهيررَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي اسلام قبول ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي۔   (سبل الهديٰ ج 2 ص 414)

حق کی راہ میں پتّھر کھائے خوں میں نہائے طائف میں

دین  کا  کتنی  محنت سے کام آپ نے اے سلطان کیا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 (5)  طائف جو ڏڪائيندڙ سفر

          هاڻي مديني جي سفر جي دوران مڪي شريف زادَها اللهُ شَرَفًا وَّتَعۡظِيۡمًا کان اسلامي ڀائرن ڏانهن موڪليل هڪ ”اِجتِماعي مڪتوب“ مان طائف جو رقت انگيز داستان ضرورت مطابق ترميم سان پيش ڪيو وڃي ٿو، ان کي لڙڪ وهائيندڙ اکين سان پڙهو؛ نبوت جي اعلان کان پوءِ نون سالن تائين اسان جا مٺا مٺا، پيارا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي شريفزادَها اللهُ شَرَفًا وَّتَعۡظِيۡمًا جي ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ فرمائيندا رهيا، پر تمام گهٽ ماڻهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نيڪي جي دعوت قبول ڪئي۔ بدبخت ڪافرن جي طرفان


 

مخالفت جو زور ڏينهو ڏينهن وڌندو پئي ويو۔ شاھِ خيرُ الانام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان کي ڪافر وڌيڪ ستائيندا ۽ مختلف طريقن سان مذاق اُڏائيندا هئا۔ ها ڪافر هئڻ جي باوجود ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان همدردي رکندا هئا، انهن مان پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا چاچا ابو طالب به هئا، ان جو ڪافرن تي ڪافي رُعب ۽ دٻدٻو هو۔ ڏهين سال انهن جو انتقال ٿي ويو۔ هاڻي ڪافرن جا حوصلا هڪدم بلند ٿي ويا ۽ انهن جي طرفان ظلم و ستم جي طوفانن اڃا وڌيڪ زور پڪڙي ورتو۔ اهڙي طرح رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن طائف جو ارادو فرمايو ته جيئن اُتي وڃي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏين، طائف پهچي شهنشاھِ خيرُ الانام، محبوبِ ربُّ السَّلام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پهرين پهرين بنو ثقِيف جي ٽن سردارن کي اسلام جو پيغام پهچايو۔

وہ  ہادی  جو  نہ  ہوسکتا  تھا  غَیرُاللّٰہ  سے  خائِف     چلا اِک رو ز مکّے سے نکل کر جانبِ طائف

دِیا پیغامِ حق طائف میں ، طائِف کے رئیسوں کو     دکھائی جِنسِ رُوحانی کمینوں کو خسِیسوں۱؎ کو

قلم ڏڪي ٿو!

      افسوس! انهن نادانن حُسنِ اخلاق جي پيڪر، نبين جي تاجوَر، محبوبِ ربِ اڪبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نيڪي جي دعوت ٻڌي ڪري مڃي ڪنڌ جهڪائڻ جي بدران نهايت سرڪشي جو مظاهرو ڪيو ۽ طرح طرح جي بڪواس ڪرڻ لڳا۔ آھ! انهن بد اخلاق سردارن اهڙا اهڙا گستاخانه جملا بَڪيا جو انهن کي لکڻ سان سگِ مدينه عُفِي عَنه جو قلم ڏڪي ٿو، منهنجي پياري آقا مٺي مٺي مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 

جن اڃا به همت نه هاري، ٻين ماڻهن وٽ تشريف وٺي آيا ۽ انهن کي اسلام جي دعوت پيش ڪئي۔ آھ! صد آھ! سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات، محبوبِ رب الارض والسمٰوٰت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيغامِ نجات ٻڌڻ جي لاءِ ڪو تيار ئي نه هو، افسوس! اُهي ماڻهو پنهنجي عظيم محسن کي دشمن سمجهي ويٺا ۽ طرح طرح سان دل ڏکائڻ لڳا۔ انهن جي بڪواس کي ڪاغذ تي لکڻ جي سگِ مدينه عُفِي عنه ۾ همت ڪِٿي! اُنهن سنگدلن صرف اُول فُول بڪڻ (يعني بيهوده بڪواس ڪرڻ) ئي تي بس نه ڪيو بلڪ لوفر ڇورن کي به پٺيان لڳايو۔ هي لفظ لکندي دل غم ۾ ٻڏندي پئي وڃي، اکيون آليون ٿينديون پيون وڃن، آھ! اُهي ظالم نوجوان، منهنجي اکين جي ٺار ۽ دل جي چين، رحمتِ دارين، تاجدارِ حَرَمَين، سَروَرِ ڪَونين، ناناءِ حَسَنَين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جان وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ تاڙيون وڄائيندا طرح طرح جون چٿرون ڪندي پِيڇو ڪرڻ لڳا، اوچتو انهن ظالمن پٿر کنيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي........ آھ! آھ! صد هزار آھ! منهنجي آقا........ منهنجي پياري پياري آقا...... منهنجي دل جي سلطان آقا...... رحمتِ عالميان آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم مبارڪ تي پٿر وسائڻ شروع ڪري ڏنا، هاءِ ڪاش! سگِ مدينه عُفِي عنہ اُن وقت پيدا ٿي ڪري ايمان آڻي چڪو هجي ها....... ڪاش! ديواني وار......... پرواني وار......... مستاني وار اُهي سڀ پٿر پنهنجي جسم تي برداشت ڪري ها۔

مگر کریں کیا نصیب میں تو یہ نامُرادی کے دن لکھے تھے

           خبر ناهي ته آسمان اهو خوني منظر ڪيئن ڏٺو هوندو؟ آھ!


 

 

جسمِ نازنين پٿرن سان زخمي ٿي ويو ۽ ايتري قدر خون مبارڪ وهيو جو جُتي مبارڪ رت سان ڀرجي ويئي۔ جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن بيقرار ٿي ويهي ٿي رهيا ته ظالم ڪافر ٻانهن کان وٺي اُٿاري ٿي ڇڏيائون۔ ۽ جڏهن پاڻ وري هلڻ لڳا ته ٻيهر پٿر ٿي وسايائون ۽ گڏوگڏ کِلندا رهندا هئا۔

بڑھے اَنبوہ۱؎ [6]در اَنبوہ پتھر لے کے دیوانے         لگے مینہ پتھروں کا رحمتِ عالم پہ برسانے

وہ اَبرِلُطف جس کے سائے کو گلشن ترستے تھے       یہاں طائف میں اُس کے جسم پر پتھّر برستے  تھے

وہ بازو جو غریبوں کو سہارا دیتے رہتے تھے        پَیاپے آنے والے پتّھروں کی چوٹ سہتے  تھے

وہ سینہ جس کے اندر نُورِ حق مَسْتُور۲؎ رہتا تھا      وُہی اب شَق ہوا جاتا تھا اِس سے خون بہتا تھا

جگہ دیتے تھے جِن کو حامِلانِ عرش۳؎  آنکھوں پر   وہ نَعلینِ مُبارک ہائے خُوں سے بھر گئیں یکسر

 حُضُور اِس جَور۴؎ سے جب چُور ہو کر بیٹھ جاتے تھے

شَقِی۵؎  آتے  تھے بازو  تھام  کر  اُوپر  اُٹھاتے  تھے

جبلن جو فرشتو

         حضرتِ سيّدنا جبرائيل امينعَلَيهِ الصَّلوٰة وَالسَّلام  مَلَڪُ الجِبال (يعني جبلن تي مقرر فرشتي) کي وٺي تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ سراپا عظمت ۾ حاضر ٿيا۔ مَلَڪُ الجِبال پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ سلام عرض ڪري درخواست ڪئي؛ جيڪڏهن اوهان حڪم فرمايو ته ٻنهي جبلن کي انهن ڪافرن تي اونڌو ڪري ڇڏيان۔ اهو ٻڌي ڪري نبيءِ رَحمت، شفيعِ اُمتصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جواب ڏنو؛ ”آئون الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات پاڪ کان پُر اُميد آهيان ته جيڪڏهن


 

 

اِنهن ماڻهن ايمان نه آندو ته انهن جي اولاد مان اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪندا۔“ (بخاري ج 2 ص 382 حديث 3231)

اگر یہ لوگ آج اِسلام پر ایماں نہیں لاتے         خدائے پاک کے دامانِ وَحدت میں نہیں آتے

مگر نَسلیں ضَرور اِن کی اِسے پہچان جائیں گی        درِ  توحید  پر  اِک  روز  آکر سَر جھکائیں گی

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

ڪو دڙڪو ڏيئي ته ڏسي!

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي ڪو ٿورو دڙڪو ڏئي يا بلڪ ڀلائي جي ڳالهه ئي چوي ته اڪثر ڪري اسان آپي کان ٻاهر نڪري ويندا آهيون، جيڪڏهن ڪير گار ڏيئي يا ٿپڙ وغيره هڻي تڏهن ته مڪمل بلڪ ڪيترائي دفعا وڌيڪ بدلو وٺڻ جي باوجود به شايد اسان جو غصو ٿڌو نه ٿيندو آهي۔ پر قربان ٿجي! خاتَمَ الۡمُرسَلِين، رَحۡمَة للعٰلَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي جو هيترو ستائڻ جي باوجود به پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي ذات جي لاءِ غصو نٿو اچي ۽ نه ئي پنهنجي دشمن جي بربادي ۽ هلاڪت جي آرزو آهي، جيڪڏهن ڪا آرزو آهي ته فقط اها ته اسلام جو شان مٿانهون ٿئي، هر طرف خدا عَزَّوَجَلَّ جي دين جي روشني ڦهلجي ۽ ماڻهو هڪ الله عَزَّوَجَلَّ  جي بارگاھ ۾ جُهڪي وڃن۔

آسانين جي باوجود سستي

      اي عشقِ رسول جو دعويٰ ڪرڻ وارؤ! مدينہ مدينہ ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول! ڇا انهيءَ جو نالو عشقِ رسول آهي جو سيّد الۡمُبلِغين، رَحمَة للعٰلَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته ڪنڊن تي هلي به دين


 

 

جي تبليغ ڪن ۽ اسان ٿڌي هوا ڏيڻ وارن پکن جي ڇانوَ ۾ بلڪ اي۔سي جي ٿڌاڻ ۾ قالينن تي ويهي به نيڪي جي دعوت نه ڏيئي سگهون! الله عَزَّوَجَلَّ جا پيارا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فاقن جي سبب پنهنجي مبارڪ پيٽ تي پٿر ٻڌي به اسلام جي تبليغ فرمائن ۽ اسان خوب پيٽ ڀري ۽ اهو به عمده عمده نعمتون کائڻ جي باوجود به دين جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهون! ڇا محبتِ رسول انهيءَ جو نالو آهي جو محبوبِ ربِ اڪبر، مَڪّي مديني جا تاجوَر، صبر ۽ رضا جا پيڪر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ بدن تي پٿر کائي ڪري به اسلام جي تبليغ جو فرض ادا ڪن ۽ اسان تي ماڻهو گل نِڇاور ڪن پوءِ به اسان ان عظيم مدني ڪم کان پري ڀڄون۔

 هاءِ! مسلمانن جو بگڙيل ڪردار!

اي پياري مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديوانگي ۾ جهومڻ وارا عاشقانِ رسول! مسلمانن جي بد حالي اوهان جي سامهون آهي، ڇا بي عملي جا سيلاب ۽ مسجدن جي ويراني ڏسي اوهان جي دل نٿي سڙي؟ آھ! مغربي فيشن جي يلغار، فرنگي تهذيب جي طومار، بي حيائين سان ڀرپور پروگرام ڏسڻ جي لاءِ گهر گهر رکيل ٽي وي ۽ وي سي آر، قدم قدم تي گناهن جي ڀرمار، هاءِ! مسلمانن جو بگڙيل ڪردار! اهي سڀ ڳالهيون مسلمانن جي خيرخواهي ۽ آخرت جي بهتري جي طلب گار مسلمان جي لاءِ تمام گهڻي درد ۽ بيچيني جو سبب آهن ۽ هو مسلمانن جي اصلاح جي لاءِ بيقرار ٿي وڃي ٿو، اي ڪاش! اسان کي بي عمل مسلمانن جي سُڌاري جي ڪوشش جو


 

 

عظيم جذبو نصيب ٿي وڃي! ڪاش! اسان پنهنجي عظيم مدني مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ اچو! انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجو مدني مقصد ملي دُهرائي ٿا وٺون؛ مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنشآءَالله عَزَّوَجَلَّ

دو   دَرد  سنّتوں  کا  پئے  شاہِ  کربلا

اُمّت کے دِل سے لذّتِ فیشن نکا ل دو

نيڪي جي دعوت جي فضيلت ۽ عظمت

                                 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي خوب خوب نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ گهرجن، نيڪي جي دعوت جي دُنياوي ۽ اُخروي برڪتن جي ڇا ڳالهه ڪجي! اللهعَزَّوَجَلَّ حضرتِ سيّدنا موسيٰ ڪليم الله عَلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جي طرف وحي فرمائي ته جنهن ڀلائي جو حڪم ڏنو ۽ برائي کان روڪيو ۽ ماڻهن کي منهنجي اطاعت (يعني فرمانبرداري) جي طرف سڏيو، قيامت جي ڏينهن منهنجي عرش جي ڇانوَ ۾ هوندو۔ (حلية الاولياءَ ج 6 ص 36 رقم 7716)

طاقت جي باوجود گناهه کان نه

روڪڻ واري جي لاءِ وعيد

                                                مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو جيڪا قوم طاقت جي باوجود گناھ ڪرڻ واري کي ان کان نٿي روڪي، ڊپ آهي ته اها نه روڪڻ واري قوم مرڻ کان پهرين دنيا ۾ ئي عذاب ۾ گرفتار ٿي وڃي۔ جيئن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ ڪو شخص گناھ ڪري ۽ قوم جا ماڻهو طاقت جي باوجود ان کي


 

 

گناھ کان نه روڪين ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي مرڻ کان پهرين انهن تي پنهنجو عذاب نازل فرمائيندو۔             (ابو داؤد ج 4 ص 164 حديث 4339)

40 هزار نيڪ به هلاڪ ڪندس ڇو ته....

                              مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بي نمازين، گاريون بڪڻ وارن، فلمن، ڊرامن، گانن باجن، غيبتن ۽ چغلين وغيره جھڙن گناهن کي نه ڇڏڻ وارن سان دوستيون رکڻ، انهن جي حوصله افزائي جو سبب بڻجڻ، انهن سان گڏ اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ وغيره دنيا ۽ آخرت جي لاءِ سخت هاڃيڪار آهي۔ فسّاق ۽ فجّار (يعني گناھگارن ۽ بدڪارن) جي صحبت اختيار ڪرڻ وارن جي مذمت ڪندي منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن فتاويٰ رضويه جلد 22 صفحي 211 کان 212 تي نقل ڪن ٿا؛ اللهعَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو؛

وَ اِمَّا یُنْسِیَنَّكَ الشَّیْطٰنُ فَلَا تَقْعُدْ بَعْدَ الذِّكْرٰى مَعَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ(۶۸)    ترجموڪنزالايمان؛ ۽ جيڪڏهن ڪٿي شيطان تو کي وسارائي ته ياد اچڻ تي ظالمن سان گڏ نه ويهي.

          (بيان ڪيل آيت مبارڪ ۾ ”ظالمين“ مان مراد ڪهڙا ماڻهو آهن، ان جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا؛) تفسير احمدي ۾ آهي؛ ظالم ماڻهو بد مذهب ۽ فاسق ۽ ڪافر آهن، انهن سڀني وٽ ويهڻ منع آهي۔ (التفسيرات احمديه ص 388) مروي آهي الله عَزَّوَجَلَّ (حضرتِ سيّدنا) يوشع عَليهِ الصَّلٰوة والسَّلام کي وحي موڪلي؛ مان تنهنجي علائقي مان چاليهه هزار نيڪ ۽ سٺ هزار بُرا ماڻهو هلاڪ ڪندس۔ عرض ڪيائين؛ الـٰهي! بُرا ته بُرا آهن، نيڪ ڇو هلاڪ ٿيندا؟ ارشاد ٿيو؛ انهيءَ ڪري جو جن تي منهنجو غضب هو نيڪ ماڻهن اُنهن تي غضب نه ڪيو ۽ انهن سان


 

 

گڏ کائڻ پيئڻ ۾ شريڪ رهيا۔

(الامر بالمعروف والنهي عن المنڪر مع موسوعة ابن ابي الدنيا ج 2 ص 213 رقم 71)

نيڪي جي دعوت جي لاءِ سفر ڪرڻ سنت آهي

      اي عاشقانِ رسول! بس گناهن جي خلاف اعلانِ جنگ ڪري ڇڏيو، پاڻ کي گناهن کان بچائڻ سان گڏ ٻين کي بچائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ان جي لاءِ گهران نڪرڻ، ان جي خاطر سفر اختيار ڪرڻ، انهيءَ راھ ۾ اچڻ وارين تڪليفن کي برداشت ڪرڻ يقيناً اسان جي مٺي مٺي آقا، مَڪّي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جون پياريون پياريون سنتون آهن۔ اي ڪاش! اسان تي به ڪرم ٿي وڃي ۽ اسان به انهن عظيم سنتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ۽ نيڪي جي دعوت جي خاطر گهران نڪرڻ، ۽ سنتن جي تربيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ ۽ ان جي تمام تر سختين تي صبر ڪرڻ سکي وٺون۔ اي عاشقانِ رسول چورائڻ وارؤ! دنيا جي ڪم ڌنڌن جي لاءِ ته سالن تائين گهر کان پري رهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهيو، ڇا الله عَزَّوَجَلَّ جي دين جي سر بلندي جي لاءِ مدني قافلن ۾ سنتن ڀريي سفر جي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ به قرباني نه ڏيندؤ؟

سنَّت  ہے  سفر  دین  کی تبلیغ کی   خاطِر

ملتا  ہے ہمیں  درس یہ  اَسفارِڇ ۱؎ نبی سے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد


 

 

علم جي فضليت ۾ چار فرمانِ مصطفٰي

          دل ۾ اسلام جو درد رکڻ واري هر مسلمان کي منهنجي درد ڀري التجا آهي ته تبليغِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جا دنيا ۾ جتي به ”مدني قافلا“ نظر اچن انهن سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه وقت ضرور گذاريو ۽ اللهعَزَّوَجَلَّ توفيق ڏي ته انهن سان گڏ سنتن ڀريو سفر اختيار ڪري اَجر ۽ ثواب جا حقدار بڻجو۔ مدني قافلي ۾ سفر علمِ دين حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ علمِ دين جي فضيلتن جي ڇا ڳالهه ڪجي! ”دعوت اسلامي“ جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينہ جي شايع ٿيل 743 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”جنت میں لے جانے والے اعمال“ صفحي 38 کان 40 تان چار فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پيش آهن؛ (1) جيڪو شخص علم جي طلب ۾ گهران نڪري ٿو ملائڪ ان جي ان عمل کان خوش ٿي اُن جي لاءِ پنهنجا پر وڇائين ٿا۔ (طبراني ڪبير ج 8 ص 54 حديث 7347) (2) جيڪو اللهعَزَّوَجَلَّ جي فرضن جي باري ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي يا چار يا پنج ڳالهيون سکي ۽ انهي کي چڱي طرح ياد ڪري ۽ پوءِ ماڻهن کي سيکاري ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو۔ (الترغيب والترهيب ج1 ص54 حديث 20) (3) جيڪو صبح جو مسجد جي طرف ڀلائي سکڻ يا سيکارڻ جي ارادي سان هلي ٿو ان کي ڪامل حج ڪرڻ واري جو ثواب ملندو۔ (طبراني ڪبير ج 8 ص 94 حديث 7473) (4) جيڪو ٻانهو علم جي جستجو ۾ جُتي، جوراب يا ڪپڙا پائي ٿو ته پنهنجي گهر جي چائنٺ (يعني دروازي) کان نڪرندي ئي ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن۔


 

                                                                                                                               

                                                             (طبراني اوسط ج4 ص 204 حديث 5722)

امير قافله جي حسنِ اخلاق مون کي مدني قافلي جو مسافر بڻائي ڇڏيو

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! علم حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جا مدني قافلا به آهن سڄي عمر ۾ هڪ دفعو ٻارهن  مهينا، هر ٻارهن مهينن ۾ 30 ڏينهن ۽ هر 30 ڏينهن ۾ 3 ڏينهن عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سنتن ڀريو سفر ڪريو۔ مدني قافلي جي برڪتن کي سمجهڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظه فرمايو، جيئن مرڪزالاولياء (لاهور) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان ڪجهه هن طرح آهي ته منهنجي عمر جا 25 سال گذري چڪا هئا پر آئون علمِ دين کان ايتري قدر بي خبر هئس جو مون کي نماز روزي جا بنيادي احڪام به معلوم نه هئا۔ هڪ ڏينهن مسجد ۾ نماز جي لاءِ حاضر ٿيس ته هڪ اسلامي ڀاءُ وڏي محبت سان اڳتي وڌي مون سان ملاقات ڪئي، ۽ مدني قافلي ۾ سفر جي دعوت به ڏني۔ دعوتِ اسلامي جي ”مدني ماحول“ کان واقفيت نه هئڻ جي ڪري مون انڪار ڪيو پر اسان جي پاڙي جي مسجد جي امام صاحب مون تي انفرادي ڪوشش فرمائي ۽ منهنجو حوصلو وڌايو ايستائين جو انهن مون کي مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ راضي ڪري ورتو۔ آئون سفر جي نيت سان هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ حاضر ٿيس، اجتماع کان پوءِ صبح جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻو هو، آئون دنيا جي محبت جو ماريل ايتري دير مسجد ۾ رهڻ سان بيزار ٿيس ۽


 

 

”مدني قافلي“ ۾ وڌيڪ 3 ڏينهن مسجد ۾ رهڻ جي تصور کان گهٻرائي رهيو هئس، مون هتان کان ڀڄڻ جي نيّت به ڪري ورتي هئي ته ايتري ۾ منهنجو امير قافله ڳوليندي مون وٽ آيو، شيطان مون کي ورغلايو ته ”ادا هاڻي تون ڦاٿين! هي مولوي توکي ڪونه ڇڏيندو‏۔“ مون به دل ۾ چيو؛ ڏسان ٿو مون کي هي ڪيئن ٿو قافلي ۾ وٺي وڃي! تنهنڪري شيطان جي ڌوڪي ۾ اچي مون پنهنجي محسن امير قافله کي ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏيندي چيو ته ”ادا وڃ! آئون اوهان کي ڪونه ٿو سڃاڻان مون کي ڪنهن مدني قافلي ۾ ڪونهي وڃڻو، بس مون کي تنگ نه ڪر گهر وڃڻ ڏي۔“ يقين مڃو! ان وقت حيرت جي انتها نه رهي جڏهن منهنجي ڪاوڙ مان ڏنل ورندي کان پوءِ به امير قافله جي چپن تي مُرڪ ڏٺم! انهن مون تي ڪاوڙ جي ذريعي جوابي ڪاروائي ڪرڻ جي بدران مُرڪي انتهائي شفقت ۽ نرمي سان مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ مون کي سمجهائڻ شروع ڪيو ۽ ان جي لاءِ مون کي مِنٿ ميڙ ڪرڻ لڳو، انهن جي اعليٰ اخلاق مون کي مدني قافلي ۾ سفر تي راضي ڪري ئي ورتو ۽ آئون عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ سنتن ڀري سفر تي روانو ٿي ويس، پهرين ئي ڏينهن جڏهن مدني قافلي وارن سکڻ سکارڻ جا مدني حلقا لڳايا ته مون کي دل ئي دل ۾ تمام گهڻي پشيماني ٿيڻ لڳي ته صد ڪروڙ افسوس! 25 سالن جي عمر ٿي ويئي پر اڃا تائين مون کي دين جي بنيادي احڪامن جي به خبر ناهي! اَلۡحَمۡدُللهعَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ 3 ڏينهن گذارڻ


 

 

کان پوءِ آئون تمام گهڻو علمِ دين مثلاً وضو، غسل، ۽ نماز جا ڪيترائي احڪام سِکي ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جو عظيم جذبو کڻي ان حال ۾ گهر موٽيس جو منهنجي مٿي تي مدني قافلي جي ياد ڏيندڙ سبز سبز عمامي شريف جو تاج جڳمڳائي رهيو هو۔

اچّھی صُحبت ملے، خوب برکت ملے          چل   پڑو   چل   پڑیں  قافلے   میں  چلو

لُوٹ لیں رحمتیں،خوب لیں برکتیں           خواب  اچّھے  دِکھیں، قافِلے  میں  چلو

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

اِستِقامت تمام ضروري آهي

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنر ڪهڙو به هجي جيستائين ان کي استقامت سان نه سکيو ويندو مهارت حاصل ٿيڻ مشڪل آهي اهو ئي معاملو علمِ دين جو آهي، نفس لک سستيون ڏياري، شيطان غفلت جي ننڊ سمهارڻ جي لاءِ چاهي ڪيتريون ئي لوليون ڏي اوهان هوشيار ۽ سجاڳ رهو، دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪندا ۽ ڪرائيندا رهو ۽ علم دين سکندا سکاريندا رهو، انشاءَالله ڪاميابي ضرور اوهان جا قدم چمندي۔ اُمّ الۡمُؤمِنِين حضرتِ سيّدَتُنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون، مديني جي سلطان، رحمتِ عالميان، سرورِ ذيشانصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي؛ اَحَبُّ الْاَعْمَالِ اِلَی اللّٰہِ تَعَالٰی اَدْوَمُہَا وَاِنْ قَلَّ۔ يعني الله تعاليٰ وٽ سڀ کان پسنديده عمل اهو آهي جيڪو هميشه ڪيو وڃي جيتوڻيڪ گهٽ هجي۔(مسلم ص 394 حديث 218)


 

مدني انعامات ڪنهن جي لاءِ ڪيترا ؟

     هن پُر فتن دور ۾ آساني سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقي تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو ”مدني انعامات“ سوالن جي صورت ترتيب ڏنو ويو آهي۔ اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرون جي لاءِ 63، علم دين جي شاگردن جي لاءِ 92، ۽ ديني شاگردياڻين جي لاءِ 83، مدني مُنن ۽ مدني مُنيَن جي لاءِ 40، جڏهن ته خصوصي اسلامي ڀائرن (يعني گونگن ٻوڙن) جي لاءِ 27 مدني انعامات آهن۔ بيشمار اسلامي ڀائر، اسلامي ڀينرون ۽ شاگرد مدني انعامات جي مطابق عمل ڪري روزانو سمهڻ کان پهرين ”فڪرِ مدينه ڪندي“ يعني پنهنجي عملن جو جائزو وٺي مدني انعامات جي ”رسالي“ ۾ ڏنل خانا پُر ڪندا آهن۔ انهن مدني انعامات کي اِخلاص سان گڏ اپنائڻ کان پوءِ نيڪ بڻجڻ ۽ گناهن کان بچڻ واري راھ ۾ ايندڙ رڪاوٽون اللهعَزَّوَجَلَّ  جي فضل ۽ ڪرم سان اڪثر ڪري دور ٿي وينديون آهن ۽ ان جي برڪت سان اَلۡحَمدُللهعَزَّوَجَلَّ سنّت جو پابند بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪُڙهڻ جو ذهن به بڻجي ٿوـ سڀني کي گهرجي ته با ڪردار مسلمان بڻجڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان مدني انعامات جو رسالو حاصل ڪريو ۽ روزانو فڪرِ مدينہ (يعني پنهنجو محاسبو) ڪندي ان ۾ ڏنل خانا پُر ڪريو ۽ هجري سِن جي مطابق هر مدني يعني قمري مهيني جي شروعاتي ڏهن ڏينهن جي اندر اندر پنهنجي اُتي جي ذميدار کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔


 

تُو ولی اپنا بنالے اُس کو ربِّ لم یَزَل

’’مدنی اِنعامات‘‘ پر کرتا ہے جو کوئی عمل

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مدني انعامات جي عمل ڪندڙن

جي لاءِ بشارتِ عظميٰ

      مدني انعامات جو رسالو پُر ڪرڻ وارا ڪيتري قدر خوش قسمت هوندا آهن ان جو اندازو هِن مدني بهار مان لڳايو جيئن حيدرآباد (باب الاسلام سنڌ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه هن طرح حلفيه (يعني قَسمِيه) بيان آهي ته رَجَبُ المُرَجَّب جي مهيني 1426ھ جي هڪ رات مون کي خواب ۾ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جي عظيم سعادت ملي۔ مبارڪ چَپَن ۾ جنبش آئي ۽ رحمت جا گل ٽرڻ لڳا ۽ سهڻا لفظ ڪجهه هئين ترتيب ۾ آيا؛ جيڪو هن مهيني روزانو پابندي سان مدني انعامات جي باري ۾ فڪرِ مدينہ ڪندو ، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو۔

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔(ابن عساڪر ج 9 ص 343)


 

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                              صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 ”يا الله! سبز گنبد ڏيکار“ جي ارڙهن اکرن جي

 نسبت سان ويهڻ جا 18 مدني گل

      ٭ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ جيڪي ماڻهو دير تائين ڪنهن جڳهه ويٺا ۽  اللهعَزَّوَجَلَّ جو ذِڪر ۽ نبيءِ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود پڙهڻ کانسواءِ اُتان اُٿي ويا انهن نقصان ڪيو جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ چاهي ته عذاب ڏي ۽ چاهي ته بخشي ڇڏي۔ (المستدرڪ للحاڪم ج 2 ص 168 حديث 1869) ٭ حضرتِ سيّدنا ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا فرمائن ٿا ته مون سيّدالۡمُرسَلِين، خاتَمُ النَّبِيِين، جنابِ رَحۡمَةَ لِلعٰلَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪعبي شريف جي اڱڻ ۾ اِحۡتِبا جي صورت ۾ تشريف فرما ڏٺو۔ (بخاري ج 4 ص 180 حديث 6272) اِحۡتِبا جو مطلب هي آهي ته ماڻهو دڏن ڀر (يعني ويهڻ واري جڳهه تي) ويهي ۽ پنهنجي ٻنهي پِنين کي ٻنهي ٻانهن سان ڪڙو ٺاهي جھلي۔ اهڙي طرح ويهڻ تواضع (يعني عاجزي و انڪساري) ۾ شمار ٿئي ٿو۔ (ملخص از بهار شريعت ج 3 ص432)  ٭انهيءَ دوران بلڪ جڏهن به ويهو پردي جي جاين جي بيهڪ ۽ ڪيفيت نظر نه اچڻ گهرجي، تنهن ڪري ”پردي ۾ پردي“ جي لاءِ گوڏن کان پيرن تائين چادر وڌي وڃي جيڪڏهن ڪُڙتو سنت مطابق هجي ته ان جي دامن سان به ”پردي ۾ پردو“ ڪري سگهجي ٿو ٭ حُضور اڪرم، نور مُجَسَّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن فجر جي نماز پڙهي وٺندا


 

 

هئا ته پلٿي هڻي ويهي رهندا هئا ايستائين جو سج چڱي طرح اُڀري ويندو هو۔ (ابو داؤد ج 4 ص345 حديث 4850) ٭ جامع ڪراماتِ اولياء جلد اول جي صفحي 67 تي آهي؛ امام يوسف نبهانيقُدِّسَ سِرُّهُ النُّوراني  جي ٻه زانو (يعني گوڏا ڀڃي جيئن نماز ۾ اَلتَّحيات ۾ ويهبو آهي ائين) ويهڻ جي عادت مبارڪ هئي ٭ نماز کان ٻاهر به ٻه گوڏا ڀڃي ويهڻ افضل آهي۔ (مراة ج 8 ص 90) ٭ سرورِ ڪائنات، شاھِ مَوجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عام طور تي قبلي جي طرف منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا۔ (احياءَ العلوم ج 2 ص 449)  ٭فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ ”مجلسن ۾ سڀني کان مُڪرَّم (يعني عزت واري) مجلس اُها آهي جنهن ۾ قبلي جي طرف منهن ڪيو وڃي۔“ (طبراني اوسط ج 6 ص 161 حديث 8361) ٭ حضرتِ سيّدنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا اڪثر قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا۔ (المقاصد الحسنة ص 88) ٭ مبلغ ۽ مدرس جي لاءِ بيان ۽ تدريس دوران سنّت هي آهي ته پُٺ قبلي جي طرف رکن ته جيئن انهن کان علم جون ڳالهيون ٻڌڻ وارن جو رخ قبلي جي طرف ٿي سگهي۔ جيئن ته حضرتِ سيّدنا علامه حافظ سخاوي عَلَيه رَحمةُ اللهِ القوي فرمائن ٿا؛ نبيءِ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  قبلي ڏانهن ان ڪري پُٺ فرمائيندا هئا جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي علم سيکاري رهيا آهن يا وعظ فرمائي رهيا آهن انهن جو رخ قبلي جي طرف رهي۔ (المقاصد الحسنة ص 88) ٭ حضرتِ سيّدنا اَنَس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ  کان روايت آهي؛ بي چين دلين جي چين، رحمتِ دارين، سرورِ ڪَونين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڪڏهن نه ڏٺو ويو جو پنهنجي همنشين (يعني گڏ ويهڻ واري)


 

 

جي سامهون گوڏا ڦهلائي ويٺا هجن۔ (ترمذي ج 4 ص 221 حديث 2498) حديث پاڪ ۾ ”رَکبَتَين(يعني گوڏن) جو لفظ آهي ان مان مراد هڪ قول جي مطابق ”ٻيئي پير“ آهن جيئن ته مفسر شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان عَلَیهِ رَحْمَةُ الحنّان هن حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا؛ يعني حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪڏهن ڪنهن به مجلس ۾ ڪنهن جي طرف پير ڦهلائي نه ويهندا هئا نه اولاد جي طرف، نه پاڪ گھروارين جي طرف، نه غلامن خادمن جي طرف۔ (مراة ج 8 ص 80) ٭ حضرتِ سيّدنا امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ مون ڪڏهن به پنهنجي محترم استاد حضرتِ سيّدنا حمّاد عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الجواد جي احترام ۽ اڪرام وچان سندن گھر ڏانهن پير نه ڊگھيريا، سندن (يعني استاد صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي) گهر مبارڪ ۽ منهنجي گھر ۾ ڪجهه گهٽين جو فاصلو هئڻ جي باوجود مون ڪڏهن به اوڏانهن پير نه ڪيا۔ (مناقب الامام الاعظم ابي حنيفة الموفق حصو 2 ص7) ٭ اچڻ واري جي لاءِ سِرڪڻ سنّت آهي۔ بهار شريعت جلد 3 صفحو 432 تي حديث نمبر 6 آهي؛ هڪ شخص رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جن مسجد ۾ تشريف فرما هئا، حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جن ان شخص جي لاءِ پنهنجي جاءِ تان سرڪيا، هن عرض ڪيو؛ يا رسول الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ڪُشادي جڳهه موجود آهي (حضور جن کي سرڪڻ ۽ تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ناهي) ارشاد فرمايائون؛ مسلمان جو اهو حق آهي ته جڏهن ان جو ڀاءُ کيس ڏسي ته ان جي لاءِ سرڪي وڃي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 468 حديث 8933) ٭ فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 

آهي؛ ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ هٽي وڃي ۽ اهو ڪجهه (اُس) ڪجهه ڇانو ۾ هجي ته ان کي گهرجي ته اُتان کان اُٿي وڃي۔“(ابو داؤد ج4 ص 338 حديث 4821) ٭ منهنجا آقا اعليٰ حضرت، مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن لکن ٿا؛ پِير ۽ استاد جي نشست (يعني ويهڻ جي جاءِ) تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه ج 24 ص 369،424) ٭ جڏهن ڪنهن اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگي اڳتي نه وڃو جتي جڳهه ملي اُتي ئي ويهي رهو ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو، اوهان جي پيرن کي آرام ملندو۔ (الجامع الصغير ص 40 حديث 554) ٭ مجلس کان فارغ ٿي هي دعا ٽي دفعا پڙهو ته خطائون مٽائيون وينديون آهن ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ مجلسِ خير ۽ مجلسِ ذڪر ۾ پڙهي ته انهي جي لاءِ اُن خير (يعني ڀلائي) تي مُهر لڳائي ويندي آهي ـ اها دعا هي آهي؛  سُبْحٰنَکَ اللّٰھُمَّ وَبِحَمْدِ کَ لَا اِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ اَسْتَغْفِرُکَ وَاَتُوْبُ اِلَیْکَ[7]                                        (ابو داؤد ج4 ص 347 حديث 4857)

هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار  شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو۔ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 

لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو          سیکھنے سنتیں  قافِلے  میں چلو
ہے نبی کی نظر قافِلے والوں پر           پاؤگے راحتیں قافِلے میں چلو


 

 

ماخذ و مراجع

کتاب

مطبوعہ

کتاب

مطبوعہ

کنز الایمان

مکتبۃالمدینہ باب المدینہ کراچی

سبل الھدیٰ

دار الکتب العلمیۃ بیروت

التفسیرات الاحمدیہ

دار الکتب العلمیۃ بیروت

مناقب ابی حنیفۃ

کوئٹہ

صحیح بخاری

دار الکتب العلمیۃ بیروت

 سیرتِ رسولِ عربی

ضیاءالقراٰن پبلیکیشنز لاہور

صحیح مسلم

دار ابن حزم بیروت

جامع کراماتِ اولیاء

مرکز اہلسنّت برکات رضا

سنن ترمذی

دارالفکر بیروت

القول البدیع

دار الکتب العلمیۃ بیروت

سنن ابو داود

داراحیاءالتراث العربی بیروت

المواہب اللدنیۃ

دار الکتب العلمیۃ بیروت

مستدرک

دار المعرفۃ بیروت

بستان الواعظین

دار الکتب العلمیۃ بیروت

شعب الایمان

دار الکتب العلمیۃ بیروت

السیرۃ النبویہ

دار الکتب العلمیۃ بیروت

معجم کبیر

داراحیاءالتراث العربی بیروت   

الخصائص الکبریٰ

دار الکتب العلمیۃ بیروت

معجم اوسط

دار الکتب العلمیۃ بیروت

الروض الانف

دار الکتب العلمیۃ بیروت

الامر بالمعروف والنہی عن المنکر

المکتبۃ العصریۃ بیروت

احیاء العلوم

دارصادر بیروت

الترغیب والترہیب

دار الکتب العلمیۃ بیروت

 مراٰۃ المناجیح

ضیاءالقراٰن پبلیکیشنز لاہور

الجامع الصغیر

دارالکتب العلمیۃ بیروت

فتاوٰی رضویہ

رضا فاؤنڈیشن مرکزالاولیاء لاہور

حلیۃ الاولیاء

دارالکتب العلمیۃ بیروت

بہارِ شریعت

مکتبۃ المدینہ باب المدینہ کراچی

تاریخ دمشق

دارالفکر بیروت

المقاصد الحسنۃ

دارالکتاب العربی بیروت

 

 

 

 

 

 

 

 

 



[1] هي بيان امير اهلسنت دَامَت بَرکَاتُهُمُ العَاليه  تبليغ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي جي سنتن ڀريي اجتماع ۾ فرمايو هو، تبديلي ۽ اضافي سان تحريري طور پيشِ خدمت آهي۔                                                              مجلس مڪتبةالمدينه

[2] يعني کِل مذاق

[3] يعني مسخري

[4] جنن کان پڇي ڪري ڳالهيون ٻڌائڻ وارو

[5] جادوگر

[6]  هجوم 2ـ پوشيده ـ  يعني لِڪيل 3 ـ عرش کڻڻ وارا فرشتا 4 ـ ظلم 5 ـ بد بخت

  [7]  ترجمو: تنهجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله عَزَّوَجَلَّ ! تنهجي لاءِ ئي تمام خوبيون آهن، توکان سواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش چاهيان ٿو، ۽ تنهجي طرف توبهه ڪريان ٿوـ